موٽرويز تي اي ٽڪيٽنگ سسٽم بي ضابطگين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو پيو وڃي: مملڪتي وزير جنيد انوار

موٽرويز تي اي ٽڪيٽنگ سسٽم بي ضابطگين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو پيو وڃي: مملڪتي وزير جنيد انوار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ13ستمبر2017ء) مواصلات واري مملڪتي وزير جنيد انوار چيو آهي ته موٽرويز تي اي ٽڪيٽنگ سسٽم بي ضابطگين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو پيو وڃي، تمام جلد اهو لاڳو ڪيو ويندو، ايم نائن موٽروي تي ڪم وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، تمام جلد ايم نائن تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڻ دورو ڪندس. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران عاليه ڪامران جي سوال تي مواصلات واري مملڪتي وزير جنيد انوار چيو ته نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽروي پوليس ڊرائيونگ جي تربيت پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته موٽروي ايم ون، ايم ٽو، ايم ٿري ۽ ايم فور ۽ هاءِ ويز ايم فائيو تي اي ٽڪيٽنگ سسٽم آزمائشي بنيادن تي متعارف ڪرايو ويو آهي تمام جلد سمورن موٽرويز تي اهو سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. موٽرويز تي اي ٽڪيٽنگ سسٽم بي ضابطگين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو پيو وڃي تمام جلد اهو لاڳو ڪيو ويندو.