برما جي مسلمانن سان جيڪو ظلم ڪيو پيو وڃي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي: مملڪتي وزير ممتاز احمد تارڙ

برما جي مسلمانن سان جيڪو ظلم ڪيو پيو وڃي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي: مملڪتي وزير ممتاز احمد تارڙ

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ13ستمبر2017ء) انساني حقن واري مملڪتي وزير ممتاز احمد تارڙ چيو آهي ته برما جي مسلمانن سان جيڪو ظلم ڪيو پيو وڃي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جيڪي ظلم ڪيا پيا وڃن اهي المناڪ منظر آهن. هن چيو ته انساني حقن جو عالمي ڏهاڙو 10 ڊسمبر تي ڀرپور انداز ۾ سان ملهائينداسين. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران شيخ صلاح الدين جي سوال تي انساني حقن واري وزير ممتاز احمد تارڙ چيو ته انساني حقن جي لاءِ وزارت آگاهي مهم شروع ڪئي آهي جنهن جي منظوري وزيراعظم ڏني آهي. 17 – 2016ع ۾ 65 سيمينار تعليمي ادارن ۾ ڪرايا ويا، ريڊيو، ٽي وي، اي ٽي وي تي عوام جي لاءِ ٽن ڏينهن واري آگاهي مهم هلائي آهي، انساني حقن جي خلاف ورزين تي سڄي ملڪ ۾ مفت قانوني رهنمائي جي لاءِ مفت هيلپ لائين 1900 شروع ڪئي وئي آهي. ٻارن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ قومي ڪميشن (اين سي سي ڊبليو ڊي) ٻارن جي حقن تي سگهه ۾ اضافي ۽ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ ورڪشاپس منعقد ڪيا.