ڊسمبر 2017ع جي آخري هفتي ۾ بجلي جي ڏهاڙي پيداوار 18678 ۽ طلب 12625 ميگاواٽ، انتهائي حد 20988 ميگاواٽ ۽ طلب 16650 ميگاواٽ هوندي: پارلياماني سيڪريٽري اظهر قيوم ناهره

ڊسمبر 2017ع جي آخري هفتي ۾ بجلي جي ڏهاڙي پيداوار 18678 ۽ طلب 12625 ميگاواٽ، انتهائي حد 20988 ميگاواٽ ۽ طلب 16650 ميگاواٽ هوندي: پارلياماني سيڪريٽري اظهر قيوم ناهره

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ13ستمبر2017ء) توانائي واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري اظهر قيوم ناهره چيو آهي ته ڊسمبر 2017ع جي آخري هفتي ۾ بجلي جي ڏهاڙي پيداوار 18678 ۽ طلب 12625 ميگاواٽ، انتهائي حد 20988 ميگاواٽ ۽ طلب 16650 ميگاواٽ هوندي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران شيخ روحيل اصغر جي سوال تي توانائي واري پارلياماني سيڪريٽري اظهر قيوم ناهره چيو ته جيڪو سوال آيو هو ان جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيا آهن، وڌيڪ تفصيل گهرجن ته فراهم ڪري سگهجن ٿا، ميمبرن جي ضمني سوالن تي تفصيل موجود نه هجڻ تي اسپيڪر سردار اياز صادق اهو سوال ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.