قومي اسيمبلي جي جهاز راني ۽ بندرگاهن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي جهاز راني ۽ بندرگاهن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي جهاز راني ۽ بندرگاهن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي مير اعجاز حسين جکراڻي جي صدارت ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي ان ڳالهه کي ساراهيو ته حڪومت جهاز راني جي صنعت جي صورتحال بهتر بڻائي رهي آهي ۽ شپنگ انڊسٽري جي تيزي سان ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ وڌيڪ 25 سال ڪئي وڃي. جهاز راني ۽ بندرگاهن واري وزير مير حاصل خان بزنجو ڪميٽي کي خاطري ڪرائي ته وزارت سامونڊي جهازن جي خريداري جي لاءِ پي اين ايس سي سان ڀرپور تعاون ڪندي. هن چيو ته مختلف پاڙيسري ملڪن جي لاءِ فيري سروس جي حوالي سان ڪم ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ حاجي محمد اڪرم انصاري، چوڌري حامد حميد، سيد اياز علي شاهه شيرازي، شاهين شفيق، روبينه خورشيد عالم، خليل جارج، مير عامر علي خان مگسي، لال چند مالهي، چوڌري طارق بشير چيما، محمد جمال الدين، ملڪ محمد عامر ڊوگر ۽ وزارت جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.