قومي اسيمبلي ۾ ميانمار ۾ مسلمانن تي ظلمن جي حوالي سان مخالف ڌر جي پارٽين پاران جمع ٿيندڙ التوا وارين رٿن کي قاعدي 259 تحت بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ منظور

قومي اسيمبلي ۾ ميانمار ۾ مسلمانن تي ظلمن جي حوالي سان مخالف ڌر جي پارٽين پاران جمع ٿيندڙ التوا وارين رٿن کي قاعدي 259 تحت بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11ستمبر2017ء) قومي اسيمبلي ۾ ميانمار ۾ مسلمانن تي ظلمن جي حوالي سان مخالف ڌر جي پارٽين پاران جمع ٿيندڙ التوا وارين رٿن کي قاعدي 259 تحت بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ منظور ڪئي وئي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ نعيمه ڪشور خان سميت ٻين ميمبرن التوا واريون رٿون پيش ڪيون ته ميانمار ۾ مسلمانن تي انسانيت سز ظلمن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي ايوان جي ڪارروائي روڪي بحث هيٺ آندو وڃي. قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته رٿ جي محرڪين کانسواءِ به پوري ايوان جي ميمبرن کي ان تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي چوڌري نثار علي خان چيو ته اهو معاملو التوا واري رٿ جو نه ٿو بڻجي ڇو ته التوا واري رٿ تي مخالف ڌر تي ڳالهه ڪري سگهي ٿي پر حڪومتي ميمبر نه ٿا ڳالهائي سگهن. اهو هر مسلمان جي لاءِ اهم معاملو آهي رڳو 2 ڪلاڪن تائين ڳالهرائي ان کي ختم نه ڪيو وڃي. ميمبرن پاران ايندڙ تجويزن جي روشني ۾ سفارشون جوڙڻ جي لاءِ پوري هائوس جي ميمبرن کي بحث ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي. اسپيڪر چيو ته ان کي التوا واري رٿ بدران قاعدي 259 ۾ منتقل ڪيو وڃي. جماعت اسلامي جي پارلياماني اڳواڻ صاحبزاده طارق الله پڻ چوڌري نثار علي خان جي موقف سان اتفاق ڪندي چيو ته ڪنهن حڪومت يا مخالف ڌر جو نه پر پوري اسلامي دنيا جو مسئلو آهي هتان مضبوط پيغام وڃڻ گهرجي. ميمبرن جي تجويزن کي منظور ڪندي اسپيڪر جي چوڻ تي قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته ميانمار ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلمن کي قاعدي 259 تحت بحث هيٺ آندو وڃي. قومي اسيمبلي ان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.