دهشتگردي آخري ساهه کڻي رهي آهي، ، بدامني جو جلد ئي خاتمو ٿيندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

دهشتگردي آخري ساهه کڻي رهي آهي، ، بدامني جو جلد ئي خاتمو ٿيندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي آخري ساهه کڻي رهي آهي، بدامني جو جلد ئي خاتمو ٿيندو، اڄ لوڊشيڊنگ گهٽ ترين سطح تي آهي، 2018ع جو سال لوڊشيڊنگ فري سال هوندو، ملڪ ۾ رستن ۽ موٽرويز جو ڄار وڇائي رهيا آهيون، اقتصادي صورتحال بهتر ٿي آهي، مهانگائي گهٽ، رپيو مستحڪم، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا رڪارڊ سطح تي آهن، 2018ع جي چونڊن ۾ ٻيهر موقعو مليو ته جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح 12 سيڪڙو تائين آڻينداسين، اسان سدائين ٻين جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو آهي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هليا آهيون، ڪڏهن ڌانڌلي، هيراڦيري يا 35 پنڪچرز جي ڳالهه نه ڪئي، ڌانڌلي جا الزام هڻندڙن کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ گهرجي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن روانگي واپار ڪندڙن ۾ سيلز ٽيڪس ريفنڊ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وزيراعظم جي روينيو بابت خصوصي معاون هارون اختر خان، ايف بي آر جي چيئرمين نثار محمد خان ۽ صنعت ۽ واپار جي ايوان پاڪستان (ايف پي سي سي آءِ) جي صدر عبدالرئوف عالم پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، دهشتگردي آخري ساهه کڻي رهي آهي ۽ جڏهن ڪا شيءَ اهڙي حالت ۾ هجي ته اها ڪو ڪم ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ملڪ ۾ تمام جلد بدامني جو خاتمو ٿيندو ۽ امن قائم ٿيندو جنهن جي نتيجي ۾ اقتصادي سرگرمين کي هٿي ملندي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ٿيندي، روانگي واپار وڌندو، قومي آمدني ۾ اضافو ٿيندو، نوان ڪارخانا لڳندا ۽ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته الله جو شڪر آهي جو پاڪستاني قوم جون دعائون قبول ٿي رهيون آهن، ملڪ ۾ اقتصادي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي جنهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ترقي جي لاءِ توانائي اهم ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ بجلي جي پيداوار جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٿر ۾ ڪارخانا لڳي رهيا آهن ان تي 65 سال اڳ ڪم شروع ٿيڻ گهرجي ها تنهن هوندي به هاڻي اسان جي حڪومت جي منصوبن جي نتيجي ۾ ڪوئلي جي ذخيرن جو استعمال شروع ٿيڻ وارو آهي، ٿر ۾ اعليٰ معيار جو ڪوئلو آهي جنهن مان سستي بجلي پيدا ٿيندي ۽ ان جو گهريلو صارفين ۽ آبادگارن کي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته اقتصادي بحالي، دهشتگردي ۽ بجلي جي بحران جهڙا مسئلا درپيش هئا، چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ اسان انهن مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي کانسواءِ توانائي جا ٻيا ڪيترائي منصوبا پڻ هنيا پيا وڃن، انهن منصوبن تي ڪم جي رفتار سان چيني ماهر پڻ حيران آهن. هن چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي ۾ اسان وٽ بجلي وڏي مقدار ۾ هئي، 1999ع کان 2013ع تائين بجلي جا نوان منصوبا هڻڻ تي ڪو ڪم نه ٿيو، اسان مخالف ڌر ۾ هوندي به 2008ع کان 2013ع تائين پيپلزپارٽي جي حڪومت کان ان بابت سوال ڪندا رهيا آهيون ته انهن کي اهو مسئلو ورثي ۾ مليو آهي ته هو انهن جي ذميوارن کان پڇن ته ڏوهاري ڪوتاهي ڇو ڪئي وئي. هن چيو ته 2013ع ۾ اسان جي حڪومت ٺهي ته اسان ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ ٻيهر ڪم شروع ڪيو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته گئس جي کوٽ پورو ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ تاپي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ سالن ۾ گئس جي کوٽ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ موٽرويز ۽ رستن جو ڄار وڇايو پيو وڃي، ميٽرو بس ۽ اورنج لائين ٽرين ٺهي رهي آهي، ريلويز بهتر ٿي رهي آهي، پي آءِ اي ايندڙ ٻن سالن ۾ بهتر ايئرلائين بڻجي ويندي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ تحت رستن ۽ موٽرويز جا منصوبا مڪمل ٿيڻ جي مرحلن ۾ آهن، ڪراچي کان حيدرآباد ڇهن ڦاڪن وارو موٽروي ايندڙ سال مڪمل ٿي ويندو، حيدرآباد کان سکر تائين موٽروي جي تعمير لاءِ پئسن جو انتظام ڪيو پيو وڃي جڏهن ته لاهور کان سکر موٽروي تي ڪم شروع آهي، گوادر کان ڪوئيٽا ۽ پوءِ خيبرپختونخواهه تائين موٽروي ٺهي رهيو آهي، اهڙي طرح خنجراب، گلگت بلتستان، مانسهره، حسن ابدال موٽروي ٺاهيو پيو وڃي، آزاد ڪشمير ۾ پڻ اسان کي مينڊيٽ مليو آهي، اسان آزاد ڪشمير جي ترقي چاهيون ٿا ۽ ان جو پڻ نقشو بدلجندو، گلگت بلتستان ۾ ڪم ٿي رهيو آهي، اسان جي نظر بجلي، انفراسٽرڪچر، دهشتگردي ۽ امن امان سميت هر شعبي تي نظر آهي. هن چيو ته هڪ وقت هو جو ماڻهو لوڊشيڊنگ جي خلاف رستن تي هئا، هر طرف اونداهيون هيون پر اڄ لوڊشيڊنگ گهٽ ترين سطح تي آهي، وقت اچڻ وارو آهي ته ملڪ ۾ ڪا لوڊشيڊنگ نه ٿيندي ۽ 2018ع جو سال لوڊشيڊنگ فري سال هوندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، ايل اين جي جي ٽن منصوبن ۾ ايمانداري ۽ شفافيت سان سوا ارب رپين جي بچت ڪئي وئي آهي جيڪو پاڪستان ۾ هڪ مثال آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت دل ۽ جان سان ۽ محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، واپاري ۽ سيڙپڪار ان خير جي ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن چيو ته اسان ٻين جي مينڊيٽ جو سدائين احترام ڪيو آهي، اسان ڪڏهن ڌانڌلي، هيراڦيري يا 35 پنڪچرز جي ڳالهه نه ڪئي، پيپلزپارٽي سان تمام بهتر ماحول ۾ اقتدار جي منتقلي سرانجام ڏني وئي ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته پاڪستان ۾ هڪ نظام آهي، جمهوريت آهي، آئين ۽ قانون جي پاسداري ٿي رهي آهي ۽ هڪ ٻئي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڌانڌلي جا الزام هڻندڙ پنهنجي گريبان ۾ ڏسن ته انهن ۾ ڪهڙي کوٽ آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جو نتيجو به سڀني آڏو آهي. وزيراعظم چيو ته 2013ع جي چونڊن کانپوءِ اسان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو آهي ۽ ان کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. خيبرپختونخواهه ۾ اسان چاهيون ها ته پنهنجي حڪومت ٺاهي سگهياسين پئي. وزيراعظم چيو ته اسان سمورين پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي، جون 2013ع ۾ وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو ۽ سيپٽمبر 2013ع ۾ سڀني جي مڪمل اتفاق راءِ سان ڪراچي ۾ آپريشن شروع ڪيو. هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو خوبصورت ترين شهر هجڻ گهرجي ها تنهن هوندي به ايندڙ وقت ۾ سمورا معاملا ٺيڪ ٿي ويندا، ڪراچي جو پرامن هجڻ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي. نواز شريف چيو ته اسان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي، حالتون اڳ کان تمام بهتر آهن، آئون سمورن سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، شهادتون ڏيندڙن کي خراج عقيدت ۽ انهن جي والدين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته انهن امن قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان موقع تي وزيراعظم چيو ته قومي اوڳاڙيون 3100 ارب رپين کان وڌي ويون آهن، ان جي ڪارڪردگي جو ڪريڊٽ ناڻي واري وزير وفاقي سينيٽر اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي ادائيگي 31 آگسٽ 2016ع تائين ڪرڻي هئي جيڪا ان کان اڳ ئي مڪمل ٿي رهي آهي، اهڙي طرح حڪومت هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته روانگي واپار جي شعبن کي 20 جون 2016ع تائين منظور ڪيل ريفنڊ جلد واپس ڪيا ويندا. ان موقعي تي وزيراعظم اعلان ڪيو ته 15 آڪٽوبر 2016ع تائين سمورا سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا ويندا. هن چيو ته ٽيڪسن جي شرح گهٽ ٿيڻ گهرجي، اهو اسان جي پاليسي ۾ شامل آهي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته واپار ۽ روانگي واپار ڪندڙ خوش ٿي ڪم ڪن جنهن جو فائدو پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته ملڪي اقتصادي صورتحال تمام بهتر آهي، مهانگائي گهٽ ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرا رڪارڊ سطح تي پهچي ويا آهن، رپيو مستحڪم آهي، جي ڊي پي گروٿ بهتر ٿي رهي آهي ۽ 2018ع تائين جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح 6 سيڪڙو ضرور هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ٻيهر موقعو مليو ته ايندڙ 5 سالن ۾ جي ڊي پي جي شرح کي 12 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين.