فاٽا ۾ سڌارا علائقي جي عوام جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن: وزيراعظم محمد نواز شريف

فاٽا ۾ سڌارا علائقي جي عوام جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن، فاٽا ۾ سڌارا علائقي جي عوام جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ اهو نيشنل ايڪشن پلان جو لازمي جز آهي، فاٽا جي مستقبل جو فيصلو اتان جي علائقي جي عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ فاٽا سڌارا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته فاٽا ۾ سڌارن جو مقصد ملڪ جي ڊگهي عرصي کان نظرانداز ٿيل علائقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ آهي. هن چيو ته فاٽا جي مستقبل جو فيصلو اتان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن موجب ڪيو ويندو. فاٽا جي عوام امن ۽ جنگ جي زماني ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏيندي اسان جي قومي ڪاز جي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار ۽ ڪميٽي جي سربراهه سرتاج عزيز ٻڌايو ته ڪميٽي سمورن قبائلي ايجنسين جو دورو ڪيو ۽ واپاري شخصيتن ۽ قبائلي اڳواڻن، تعليم يافته نوجوانن، عالم سڳورن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن سميت اتان جي چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن فاٽا جي مستقبل لاءِ سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ انهن جو موقف معلوم ڪري سگهجي. ڪميٽي سمورين فرنٽيئر ريجن جي اڳواڻن ۽ ٻين ڌرين سان به ملاقاتون ڪيون. اجلاس ۾ ڪميٽي جي سفارشن کي اڄ اربع تي نيشنل ايڪشن پلان جي وسيع تر ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير زاهد حامد، خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، قومي سلامتي جو صلاحڪار ناصر خان جنجوعه، آءِ ايس آءِ جو ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، وزيراعظم جو سيڪريٽري فواد حسن فواد ۽ سيفران جو سيڪريٽري محمد شهزاد ارباب پڻ موجود هئا.