سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22اگست 2016ء) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو جنهن ۾ سينيٽر سعيد غني پاران اٿاريل قومي احتساب بيورو بابت معاملن جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ سينيٽر ظهيرالدين بابر اعواڻ پاران متعارف ڪرايل سپريم ڪورٽ ججن جو انگ ترميمي بل 2016ع تي پڻ غور ڪيو ويندو. ڪميٽي پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ايڪٽ 1996ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي پڻ غور ڪندي.