پرويز رشيد پاران ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن جي خت مذمت

پرويز رشيد پاران ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن جي خت مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22اگست 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي. وفاقي وزير پاران ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب هن چيو ته موجوده جمهوري حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ميڊيا جي آزادي تي ڪو حملو برداشت نه ڪندي. هن چيو ته ڪنهن به نيوز چينل تي حملو ميڊيا جي آزادي ۽ عوام کي ڄاڻڻ جو حق جيڪو ڪنهن به جمهوري معاشري جو لازمي جز آهي، ان تي حملي جي برابر آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت کي ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ ميڊيا هائوسز جي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان واقعي جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي.