وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ نجي ٽي وي چينلن تي حملي جي مذمت

وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ نجي ٽي وي چينلن تي حملي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪراچي ۾ سومر ڏينهن نجي ٽي وي چينلن اي آر وائي، سماءَ ۽ نيو تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اهو صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي حملو آهي. وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان واقعي جي ذميوارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شهرين خاص طور تي صحافين جي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ حڪم ڏنا. هن لاڳاپيل عملدارن کان ان واقعي جي رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:00