صدر پاران ڪراچي ۾ نجي ٽي وي چينلز تي حملي جي مذمت

صدر پاران ڪراچي ۾ نجي ٽي وي چينلز تي حملي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22اگست 2016ء) صدر ممنون حسين ڪراچي ۾ نجي ٽي وي چينلز اي آر وائي، سماءَ ۽ نيو تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. صدر چيو ته نجي ٽي وي چينلن تي حملو صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي حملو آهي. هن چيو ته اها صوبائي گادي واري شهر جي پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ جي به ڪوشش آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جي واقعن کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ميڊيا جي آزادي کي يقيني بڻايو ويندو. صدر چيو ته ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن کي سموري ضروري سيڪيورٽي ڏني ويندي ته جيئن اهي پنهنجا پيشيواراڻا فرض ادا ڪرڻ جي قابل ٿين. صدر چيو ته اهڙي قسم جي ڏوهاري حملن ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آئنده اهڙي قسم جي حملن جي اجازت نه ڏيندا.