قومي اسيمبلي جي مذهبي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي مذهبي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي مذهبي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن حافظ عبدالڪريم جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن شاهده اختر علي، ملڪ عبدالغفار ڊوگر، پيرزاده عمران شاهه، صاحبزاده فياض الحسن، شگفته جماڻي، انجنيئر علي محمد خان، لالچند مالهي، صاحبزاده محمد يعقوب، بسم الله خان، مولوي آغا محمد، پير بخش جوڻيجو سميت مذهبي معاملن جي مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبر شاهده اختر علي چيو ته هارڊ شپ ڪوٽا تحت هر پارليامينٽ ميمبر کي ٻن ماڻهن جي ڪوٽا ڏني وڃي. عبدالغفار ڊوگر چيو ته حج ڪوٽا جي حوالي سان ميمبرن سان نامناسب سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هارڊ شپ ڪوٽا نه ملڻ ناانصافي آهي، اسان استحقاق واري رٿ تيار ڪري ورتي آهي. شگفته جماڻي چيو ته منهنجي ماڻهن کي ڪنفرم ڪرڻ جي باوجود فهرست مان ڪڍيو ويو آهي. مذهبي معاملن جي مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه ان سڄي عمل کان لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته هو هڪ مهيني کان ملڪ ۾ نه هو، معلومات وٺي هڪ ڏينهن ۾ ڪميٽي کي ٻڌائيندو، شگفته جماڻي چيو ته وي وي آءِ پي فلائيٽ جا تفصيل پڻ فراهم ڪيا وڃن. مملڪتي وزير چيو ته اها فلائيٽ ختم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين حافظ عبدالڪريم چيو ته حج ڪوٽا جا معاملا بحث هيٺ آڻڻ جي لاءِ ڪميٽي جي 2 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وزير ۽ مذهبي معاملن جي سيڪريٽري جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي. مذهبي معاملن جي مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه چيو ته سمورن ميمبرن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو.