سينيٽ جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22اگست 2016ء) سينيٽ جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس، لوڪ ورثه ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن جهڙن ادارن جي بحالي تي زور ڏنو آهي. سينيٽر سيد شبلي فراز خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. شبلي فراز چيو ته اهي ادارا آرٽ، ڪلچر ۽ ادب کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ ڪم ناهن ڪري سگهيا ڇو ته انهن جي 90 سيڪڙو بجيٽ ملازمن جي پگهارن تي خرچ ٿئي ٿي. هن چيو ته ڪميٽي کي لوڪ ورثه، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن جي لاءِ وڌيڪ فنڊ مخصوص ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ گهرجي. مشاهد الله خان چيو ته جيڪي قومون آرٽس، ڪلچر ۽ ادب تي ڌيان نٿيون ڏين اهي ڪا ترقي نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته ملڪ جي ناليوارين شخصيتن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙڻ گهرجي جيڪا لوڪ ورثه، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن جي بحالي جي لاءِ تجويزون ڏي. ڪميٽي جي چيئرمين ڪامل علي آغا چيو ته اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري اڳوڻي سيڪريٽري جي خاطري جي باوجود لوڪ ورثه جي رٽائرڊ ملازمن کي وڌيڪ ڪٽوتين سان پينشن ادا نه پئي ڪئي وڃي.