وزيراعظم سيالڪوٽ لاهور موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

وزيراعظم سيالڪوٽ لاهور موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

سيالڪوٽ (پاکستان نیوز پوائنٹ 22اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سيالڪوٽ ۾ ساهووالا وٽ سيالڪوٽ لاهور موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي جيڪو عوام ۽ صنعتڪارن جو پراڻو مطالبو هو. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا. منصوبي تي تعمير تي 43 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت ايندي. ان کان اڳ سيالڪوٽ موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ ايف ڊبليو او جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل محمد افضل، ايف ڊبليو او جي جاري ترقياتي منصوبن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته هي چئن ڦاڪن وارو موٽروي 89 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو ۽ ان کي ٻن سالن کان گهٽ عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو، اهو موٽروي لاهور باءِ پاس کان شروع ٿي سيالڪوٽ ۾ 15 ڪلوميٽر اولهه طرف ويندو، ان موٽروي کي ڪالا شاهه ڪاڪو ويجهو ايم ٽو سان ڳنڍيو ويندو. هن ٻڌايو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان سيالڪوٽ ۽ لاهور جي وچ ۾ سفر گهٽ ٿي ٽن ڪلاڪن بدران رڳو 45 منٽن جو ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته ان موٽروي تي 6 انٽرچينج ۽ ٻه سروس ايريا پڻ تعمير ڪيا ويندا، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان لاهور ۽ سيالڪوٽ کانسواءِ ٻين ڀرپاسي جي آبادين کي پڻ فائدو ٿيندو، عالمي معيار جو اهو منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو. منصوبي جا سمورا خرچ مختلف بئنڪن جي تعاون سان برداشت ڪيا ويندا جڏهن ته ان منصوبي سان قومي ناڻي تي گهٽ ۾ گهٽ بار پوندو، ايف ڊبليو او جي ڊي جي ميجر جنرل محمد افضل چيو ته ايف ڊبليو او ملڪ ۾ رستن جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ رستن مان ٿيندڙ آمدني سان بئنڪن جا قرض واپس ڪيا ويندا. ميجر جنرل محمد افضل وزيراعظم محمد نواز شريف کي خاطري ڪرائي ته ايف ڊبليو او قوم جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سمورا منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته ايف ڊبليو او ملڪ ۾ رستن جي تعمير جا مشڪل منصوبا مڪمل ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هن چيو ته 25 سالن تائين ان موٽروي جي سارسنڀال ايف ڊبليو ڪندي. ان موقعي تي بلوچستان ۾ ايف ڊبليو او تحت جاري منصوبن جي تعمير دوران شهيد ٿيندڙ 44 جانبازن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.