وزيراعظم سيالڪوٽ لاهور موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

وزيراعظم سيالڪوٽ لاهور موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

سيالڪوٽ (پاکستان نیوز پوائنٹ 22اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سيالڪوٽ لاهور موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، 89 ڪلوميٽر موٽروي تي 45 ارب رپيا لاڳت ايندي، چئن ڦاڪن وارو اهو روڊ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي گڏيل طور تعمير ڪندا جيڪو صوبي جي وڏن واپاري مرڪزن کي ملائيندو ۽ منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. ايف ڊبليو او جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل محمد افضل پنهنجي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ايف ڊبليو او موٽروي جي مينٽيننس جو ڪم ڪندي ۽ وصول ڪيل ٽيڪسن ذريعي قومي ناڻي ۾ پڻ حصو وجهندي. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٻيا ڪيترائي رستن وارا منصوبا ملڪ جي اهم واپاري مرڪزن کي پڻ ڳنڍي رهيا آهن ۽ قومي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏئي رهيا آهن. موٽروي اين فائيو تي لاهور باءِ پاس انٽرچينج کان شروع ٿيندو جيڪو ڪالا شاهه ڪاڪو ويجهو ايم ٽو کي پڻ ڳنڍيندو ۽ سيالڪوٽ جي اولهه ۾ اٽڪل 15 ڪلوميٽر فاصلي تي ختم ٿيندو. وزيراعظم نواز شريف منصوبي جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪري سيالڪوٽ لاهور موٽروي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جو ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل افضل پڻ موجود هئا.