سينيٽ جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

سينيٽ جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22اگست 2016ء) سينيٽ جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ اڱاري تي ٿيندو. ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر مير محمد يوسف باديني اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ ماحوليات جي مسئلن کانسواءِ موسم جي اڳڪٿين ۽ قدرتي آفتن بابت موسميات ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي اداري جي ڪردار سان گڏوگڏ ادارن جي گڏيل رابطن بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آندا ويندا.