قومي اسيمبلي جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ23اگست2017ء) قومي اسيمبلي جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي حڪومت کي چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن کي عيدالاضحيٰ کان اڳ ٽن مهينن جي پگهارن جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي، ڪميٽي گذريل پنجن مهينن دوران اسٽيل ملز جي ملازمن کي پگهارن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ميمبر اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اسٽيل ملز جي نجڪاري بابت ٿيندڙ اڳڀرائي سميت ملازمن کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ليدر ڪرافٽ ڊولپمينٽ ڪمپني ۽ اسپن يارن ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ڪميٽي بابت معاملن کي به بحث هيٺ آندو ويو. ڪميٽي سفارش ڪئي ته حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي پينشنرن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کڻي، ڪميٽي نجڪاري ڪميشن کي هدايت ڪئي ته اها اسٽيل ملز جي بهتري جي لاءِ کنيل قدمن ۽ اسٽيل ملز جي بندش سبب ٿيندڙ نقصان تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪري، ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ايل سي ڊي سي ۽ ايس وائي ڊي سي ڪمپنين جي صلاحيت وڌائڻ ۽ کين بهتري جي رستي تي گامزن ڪري منافعي بخش ادارا بڻائڻ جي لاءِ نجڪاري ڪئي وڃي، ڪميٽي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ هٿرادو اضافي تي خدشن جو اظهار ڪندي چٽاڀيٽي ڪميشن کي هدايت ڪئي ته هو معاملي جي جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪري، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سيڪريٽري کنڊ جي موجوده ذخيرن جي حوالي سان اجلاس کي بريفنگ ڏني، هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جي ڪا به کوٽ نه آهي ۽ 1.1 ملين ٽن جي اضافي کنڊ جا ذخيرا موجود آهن، هن ٻڌايو ته حڪومت ملز کي 7 لک 75 هزار ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي جنهن مان چار لک ٽن کنڊ برآمد ڪئي وئي آهي۔