سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ23اگست2017ء) سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ مسئلن جي ٺوس ڪوريج جي ضرورت تي زور ڏيندي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) کي گوادر ۽ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) ۾ بيورو آفيسون کولڻ جي سفارش ڪئي آهي. سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن سينيٽر محمد عثمان خان ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سهيل علي خان تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪميٽي کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي نيوز ڪوريج کي يقيني بڻائڻ لاءِ اي پي پي جي بنيادي ڍانچي، خبرون حاصل ڪرڻ جي نظام ۽ ضلعي نمائندن جي وسيع تر نيٽ ورڪ بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ سينيٽر مير ڪبير احمد، خالده پروين، جهانزيب جمالديني ۽ محمد اعظم خان موسيٰ خيل به شرڪت ڪئي، ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ قومي ۽ مقامي اشوز جي ڪوريج جي حوالي سان اي پي پي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي فاٽا ۽ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ عوام کي درپيش مختلف مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ انهن علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ يقين ڏياريو ته فنڊن جي دستيابي جي صورت ۾ ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد ڪيو ويندو ڇو ته پهرين ئي خابرو اداري کي مالياتي رڪاوٽون درپيش آهن، بلوچستان جي هر ضلعي ۾ وڌيڪ نمائندن جي مقرري جي سفارش ڪندي ڪميٽي يقين ڏياريو ته هو ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندي ته اي پي پي جون مالياتي ضرورتون پوريون ٿين ته جيئن هو ملڪ جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ پنهنجي نيٽ ورڪ کي سگهه ڏئي سگهي. انٽرنل پبلسٽي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل ناصر جمال به اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت جي نمائندگي ڪندي ڪميٽي کي ان جي سفارشن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. ڪميٽي جي چيئرمين عثمان ڪاڪڙ به سفارش ڪئي ته اي پي پي کي سمورين سياسي پارٽين کي ڪوريج ڏيڻ سان گڏوگڏ بلوچستان ۽ فاٽا جي عوام کي درپيش مسئلن بابت خصوصي رپورٽون ۽ ڊاڪيومينٽريز تيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته گهٽ ترقي يافته علائقا ملڪ جي مجموعي علائقن جو 71 سيڪڙو آهن ۽ انهن جي مسئل کي اجاگر ڪرڻ گهرجي جڏهن ته اداري کي ڪوئيٽا مان پنهنجي پشتو سروس شروع ڪرڻ لاءِ به چيو ويو. ڪميٽي اي پي پي جي انتظاميا تي زور ڀريو ته هو بلوچستان سان تعلق رکندڙ پنهنجي سمورن ملازمن جي ڊوميسائيلن جي تصديق ڪرائي، اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪميٽي کي ٻڌايو ته ان کان اڳ ڪميٽي جي پڇاڻي جي روشني ۾ اهو عمل اڳ ۾ ئي شروع ڪيو ويو آهي ۽ مڪمل ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هن ڪميٽي کي بلوچستان جي جعلي ڊوميسائيل رکندڙ ڪنهن به ملازم جي خلاف سخت ڪارروائي جي خاطري ڪرائي. سينيٽر جهانزيب جمالديني ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ غيرقانوني شڪار، وڻن جي واڍي ۽ لائيو اسٽاڪ بابت دستاويزي فلمون تيار ڪرڻ جي تجويز ڏني، سينيٽر خالده پروين چيو ته دستاويزي فلمن ۽ نيوز فيچرز ۾ فورٽ منرو، بهاولپور ۽ چولستان جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪميٽي کي اي پي پي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، ڪميٽي جي ميمبرن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان مان به نمائندگي هجڻ گهرجي، بعد ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي ڊائريڪٽر جنرل جمال شاهه ڪميٽي کي گذريل اڍائي سالن دوران پي اين سي اي جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن لاءِ پنهنجي آئنده جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو، هن انهن علائقن لاءِ پي اين سي اي جي اهتمام هيٺ ثقافتي شوز ۽ ٻين پروگرامن جا تفصيل به پيش ڪيا، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ ڪو لساني، صوبائي يا ثقافتي فرق نه هجڻ گهرجي، پي اين سي اي جي پروگرامن ۾ هر علائقي جي ماڻهن تي ڌيان ڏنو وڃي. ڪميٽي مالي امداد جي فراهمي لاءِ گهٽ ترقي يافته علائقن جي گلوڪارن، اداڪارن ۽ فنڪارن تي ڌيان ڏيڻ جي به سفارش ڪئي.