سينيٽ چيئرمين پاران ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري ۽ دفاعي معاهدن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي التوا واري رٿ بحث لاءِ منظور

سينيٽ چيئرمين پاران ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري ۽ دفاعي معاهدن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي التوا واري رٿ بحث لاءِ منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ23اگست2017ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ دفاعي معاهدن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي التوا واري رٿ بحث جي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ٽي التوا واريون رٿون منظوري جي تعين جي لاءِ پيش ڪيون ويون. سينيٽر عتيق شيخ پاران دهشتگردي سبب متاثر علائقن ۾ ٻارن جي پورهئي ۾ اضافي کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي سينيٽ چيئرمين چيو ته اها قاعدن تي پورو نه ٿي لهي ان لاءِ ان تي 281 جي رٿ آندي وڃي جنهن تي سينيٽر عتيق شيخ اها رٿ واپس وٺي ڇڏي. سينيٽر شيري رحمان رٿ پيش ڪئي ته جولاءِ کان مئي مالي سال 17 – 2016ع ڪرنٽ اڪائونٽس ۽ واپاري خساري کي بحث هيٺ آندو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان تي اڳ ۾ ڳالهه ٿي چڪي آهي تنهن ڪري اها رٿ قاعدن تي پورو نه ٿي لهي ان لاءِ اها منظور نه ٿي ڪري سگهجي. سينيٽ چيئرمين سينيٽر سحر ڪامران پاران ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري ۽ ان دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ دفاعي معاهدن کي بحث هيٺ آڻن جي رٿ کي قومي سلامتي جو اهم معاملو قرار ڏيندي بحث جي لاءِ منظور ڪري ورتو ۽ چيو ته ان تي 2 ڪلاڪ بحث ٿيندو ۽ وقت جو تعين بعد ۾ ڪيو ويندو.