وزيراعظم نواز شريف ڪشمير مسئلي تي گڏيل قومن جي حمايت حاصل ڪئي آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

وزيراعظم نواز شريف ڪشمير مسئلي تي گڏيل قومن جي حمايت حاصل ڪئي آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19اگست 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف ڪشمير مسئلي تي گڏيل قومن جي حمايت حاصل ڪئي آهي، مخالف ڌر کي بي بنياد پروپئگنڊه ۽ حڪومتي پرڏيهي پاليسي تي اجائي تنقيد ختم ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون پاران ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير تڪرار تي ثالثي جي آڇ جي آجيان ڪريون ٿا، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي پاليسين ۽ قدمن جي روشني ۾ هاڻي عالمي برادري ڪشمير تي پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو آهي، اها موجوده حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جي تاريخي فتح آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مخالف ڌر کي هاڻي اجائي تنقيد ۽ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پرويز رشيد چيو ته عمران خان ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي مهم تحت وزيراعظم نواز شريف کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي سياسي رنگ ڏنو آهي ۽ والاريل ڪشمير جي عوام جي حوصلن کي پست ڪيو آهي جيڪي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. پرويز رشيد چيو ته مخالف ڌر کي هاڻي اها ڳالهه تسليم ڪرڻ گهرجي ته مسلم ليگ (ن) حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جو محور ڪشمير مسئلي سميت قومي مفادن کي تحفظ ڏيڻ آهي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي هڪ حساس معاملو آهي ۽ مخالف ڌر جو غيرسنجيده رويو ان کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جون عالمي معاملن بابت پاليسيون سدائين قومي مفادن سان هم آهنگ آهن. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته هو پنهنجا سمورا اختلاف ختم ڪن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ شفاف حل جي لاءِ وزيراعظم نواز شريف جو ساٿ ڏين. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 22:34