ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ ٻار جي تعليم جي ذميواري کڻن: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ ٻار جي تعليم جي ذميواري کڻن: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19اگست 2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني تجويز ڏني آهي ته ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ ٻار جي تعليم جي ذميواري کڻن ۽ پنهنجي صوبي جي بهترين تعليمي ادارن ۾ انهن کي داخل ڪرائين. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ چيئرمين پاران جاري بيان موجب هن چيو ته 8 آگسٽ تي ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جا وڏا وزير پنهنجي صوبي جي نمايان اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شهيدن جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ ٻار کي داخل ڪرائين ۽ انهن جا تعليمي خرچ برداشت ڪن. هن چيو ته ڪوئيٽا سانحي ۾ 71 خاندان پنهنجي ويجهن مائٽن کان محروم ٿيا، هن تجويز ڏني ته انهن خاندانن جي اسڪول ويندڙ ٻارن جي ذميواري کڻڻ جي لاءِ ٽئي صوبا اڳيان اچن ۽ انهن ٻارن جي تعليم جي لاءِ انتظام ڪن، ان سان بلوچستان جي عوام کي يڪجهتي جو پيغام ويندو. سينيٽ چيئرمين وڏن وزيرن جي نالي لکيل خط ۾ چيو ته اهڙي طرح نه رڳو انهن ٻارن کي بهترين تعليمي سهولتون ملنديون پر بلوچستان جي عوام باقي صوبن کي پنهنجي ڏک ۾ شريڪ محسوس ڪندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ سانحو رڳو هڪ صوبي جو نقصان نه آهي پر اهو فيڊريشن جو نقصان آهي ڇو ته ان حملي ۾ مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙن جي گڏيل دانش کي نقصان پچايو ويو آهي.