بلدياتي چونڊن ۾ چونڊيل نمائندن ذريعي ماڻهن جا مسئلا هيٺئين سطح تي حل ٿيندا: صدر ممنون حسين

بلدياتي چونڊن ۾ چونڊيل نمائندن ذريعي ماڻهن جا مسئلا هيٺئين سطح تي حل ٿيندا: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته بلدياتي چونڊن ۾ چونڊيل نمائندن ذريعي ماڻهن جا مسئلا هيٺئين سطح تي حل ٿيندا ۽ ان سان جمهوريت مضبوط ٿيندي. بلدياتي چونڊن سان ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري ايندي. صدر اها ڳالهه جشن آزادي جي سلسلي ۾ اسلام آباد ميٽروپوليٽن جي اهتمام هيٺ ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چئي جنهن ۾ اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊن وسيلي چونڊيل ميئر، ڊپٽي ميئرز، وائيس چيئرمينز ۽ ڪائونسلرز شرڪت ڪئي. صدر اسلام آباد مان چونڊيل نمائندن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهي پنهنجا فرض ذميواري ۽ ايمانداري سان ادا ڪن ۽ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ان قول ته ڪم، ڪم ۽ رڳو ڪم تي ضرور عمل ڪن. صدر چيو ته سمورا چونڊيل نمائندا مبارڪباد جا مستحق آهن ته وفاقي گادي واري شهر ۾ پهريون ڀيرو چونڊجي آيا آهن. هاڻي اها انهن جي ذميواري آهي ته اهي شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪن ۽ ان ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين. صدر چيو ته اسلام آباد دنيا جي خوبصورت گادي وارن شهرن مان هڪ آهي. هن چونڊيل نمائندن تي زور ڀريو ته اهي شهر کي ماڊل شهر بڻائڻ جي لاءِ ان کي مشن طور وٺن ته جيئن ان جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي. صدر چيو ته چونڊيل نمائندن جي ڪلهن تي وڏي ذميواري آهي ته اهي اسلام آباد جي وڌندڙ آبادي جي تناسب سان ان ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪن ۽ عوام جي بنيادي سهولتن کي يقيني بڻائين. صدر چيو ته اسلام آباد ميٽروپوليٽين ڪارپوريشن جيئن ته پهريون ڀيرو ٺهي آهي ان جي لاءِ نئين ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي حيثيت سان انهن کي تمام گهڻا مسئلا درپيش هوندا. انهن مان سڀ کان وڏو مسئلو ترقياتي ڪمن جي لاءِ مالي وسيلن جي کوٽ ۽ مختلف ادارن جي وچ ۾ اهلڪارن ۽ ملازمن جي ورڇ جو آهي. جيڪڏهن سمورا نمائندا ترقياتي عمل جي سلسلي ۾ پوري طرح متحرڪ ٿيندا ته پنهنجي محنت، لگن ۽ تدبر سان اهي انهن مشڪلاتن جو خاتمو آڻيندا. صدر چيو ته ڪچين آبادين جي تعمير سان تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ان مقصد جي لاءِ ٺوس منصوبابندي جي ضرورت آهي، ان اهم مسئلي طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته چونڊيل نمائندا ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ پنهنجي معاملن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي برقرار رکن. صدر اسلام آباد ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي چونڊيل ميئر شيخ انصر عزيز ۽ ٻين نمائندن کي جشن آزادي جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اهڙين تقريبن سان قائداعظم جي تعليم تي عمل ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو.