احتساب صرف سياستدانن جو ٿيندو آهي، آئين ٽوڙيندڙن کي ڪجهه ناهي چيو ويندو: غلام احمد بلور

احتساب صرف سياستدانن جو ٿيندو آهي، آئين ٽوڙيندڙن کي ڪجهه ناهي چيو ويندو: غلام احمد بلور

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18اگست2017ء) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ قومي اسيمبلي ميمبر حاجي غلام احمد بلور چيو آهي ته احتساب صرف سياستدانن جو ٿيندو آهي، آئين ٽوڙيندڙن کي ڪجهه ناهي چيو ويندو. ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلو ٿي چڪو آهي، احتساب جي لاءِ صرف سياستدانن جو رخ ڇو پيو ڪيو وڃي، سياستدانن جو احتساب عوام به ڪندي آهي ۽ عدالتن جي ذريعي به ڪيو ويندو آهي پر هو احتساب کان ڀڄندا ناهن، آصف زرداري جي نواز شريف سان ملاقات يا ڳالهيون نه ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياست ۾ ڪا به ڳالهه حرف آخر ناهي جيڪي ماڻهو قتل ٿيندا آهن انهن جا وارث به جرڳي ۾ ويهندا آهن پر آصف زرداري ڳالهين کان ڀڄڻ وارو ناهي.