صدر پاران جاويد جهانگير آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مقرر

صدر پاران جاويد جهانگير آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مقرر

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15 اگست 2017ء) پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروسز جي اڳوڻي آفيسر جاويد جهانگير کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مقرر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيش موجب صدر ممنون حسين نئين آڊيٽر جنرل جي مقرري ڪئي آهي، واضح رهي ته جاويد جهانگير پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروسز جو 22 هين گريڊ جو رٽائرڊ آفيسر آهي.