وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد جي ملاقات

وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد جي ملاقات

ڪراچي (پاکستان نیوزپوائنٹ12اگست2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي گورنر هائوس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد فاروق ستار جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سڀ کان وڏي واپاري شهر ڪراچي ۾ امن امان جي بهتري لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو.