وزيراعظم پاران پاڻي وسيلن واري وزارت کي ترقياتي منصوبن تي ڌيان ڏنڻ جي هدايت

وزيراعظم پاران پاڻي وسيلن واري وزارت کي ترقياتي منصوبن تي ڌيان ڏنڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11اگست2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڻي وسيلن واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن جاري ترقياتي منصوبن تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ انهن جي وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻايو وڃي، واپڊا بابت معاملن تي وزيراعظم آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته معاملن جي بهتر حل لاءِ پاڻي وسيلن جي نئين وزارت قائم ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ماضي ۾ پاڻي جي تحفظ جي معاملي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ سڄو ڌيان بجلي جي پيداوار تي ڏنو ويو، هن چيو ته موجوده حڪومت پاڻي جي وڏن منصوبن جو آغاز ڪيو، ڇو ته پاڻي اسان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته اسان کي پاڻي وسيلن جي وزارت کي تعميري بنائڻو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ان موقعي تي وزيراعظم کي پاڻي ۽ بجلي جي جاري منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو جيڪي ماهرن جي نگراني ۾ موجوده حڪومت شروع ڪيا آهن، هن وزيراعظم کي پاڻي وسيلن جي انتطامن جي حوالي سان مستقبل جي منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته موجوده حڪومت طرفان شروع ڪيل سمورا اسٽريٽجڪ منصوبا پنهنجي مقرر مدي اندر مڪمل ٿيندا، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جاري منصوبن ۾ ڪڇي ڪينال جو منصوبو هلندڙ مهيني دوران افتتاح جي لاءِ تيار ٿي ويندو، ان واهه مان ڊيرا بگٽي ۾ 72 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، واپڊا چيئرمين ٻڌايو ته هي منصوبو 15 سالن کان التوا ۾ هو موجوده حڪومت ان تي ڪم جو آغاز ڪيو ۽ ان منصوبي جي پڄاڻي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو. وزيراعظم منصوبي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ان منصوبي سان ڊيرا بگٽي ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن کي فائدو ٿيندو، غيرآباد زمين آباد ٿي سگهندي، واپڊا چيئرمين وزيراعظم کي 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي باري ۾ به ٻڌايو ۽ چيو ته فيبروري 2018ع ۾ ان منصوبي جو پهريون ۽ مارچ 2018ع ۾ ٻيو يونٽ ڪم شروع ڪري ڇڏيندو ۽ اپريل 2018ع ۾ ٽيون ۽ چوٿون يونٽس به افتتاح جي لاءِ تيار هوندا. 1410 ميگاواٽ جي تربيلا فور توسيع منصوبي جي حوالي سان واپڊا چيئرمين ٻڌايو ته فيبروري 2018ع تائين جو پهريون يونٽ، اپريل 2018ع تائين ٻيو يونٽ ۽ مئي 2018ع تائين ٽيون يونٽ تيار ٿيندو، اجلاس ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ ديا مير ڀاشا ڊيم جي شروعاتي ڪم سميت ويجهڙ ۾ شروع ڪيل منصوبن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ڪم جي معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ منصوبن جي لاڳت وڌڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن انهن منصوبن جي قومي اهميت کي نظر ۾ رکندي مستقل نگراني جي به هدايت ڪئي ۽ چيو ته سمورين ڌرين جي وچ ۾ اتفاق راءِ جي لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ انهن منصوبن کي ايجنڊا تي آندو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان جو ڌيان دياميرڀاشا هجڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو، هاڻي فيصلو وٺڻ ۾ وڌيڪ دير ڪرڻ جي گنجائش نه آهي، وزيراعظم پاڻي وسيلن جي مينيجمينٽ جي حوالي سان تسلسل سان جائزه اجلاسن جي انعقاد جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڌرين کي ان سلسلي ۾ اعتماد ۾ ورتو وڃي، پاڻي واري سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عملدار به اجلاس ۾ موجود هئا.