نيپ تي عملدرآمد جي لاءِ پارلياماني نگراني جي ضرورت آهي: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

نيپ تي عملدرآمد جي لاءِ پارلياماني نگراني جي ضرورت آهي: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18اگست 2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته نيپ تي عملدرآمد جي لاءِ پارلياماني نگراني جي ضرورت آهي، پارليامينٽ اهو فورم آهي جتي سمورين ڌرين کي جوابده بڻائي سگهجي ٿو. ڪالهه خميس ڏينهن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري اسٽڊيز پپس ۾ سينيٽ انٽرن شپ پروگرام جي ٻي بيچ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پارليامينٽ کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو نه ڏنو ويو ۽ جمهوريت کي مضبوط ٿيڻ نه ڏنو ويو. هن انٽرن شپ جي لاءِ ايندڙن تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي تاريخ جي صحيح تصوير کي ڏسن. هن چيو ته انٽرن شپ پروگرام جو مقصد نوجوانن کي پارليامينٽ جي معاملن جي مشاهدي جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي.