وزيراعظم نيشنل هيلٿ پروگرام صحت جي شعبي ۾ هڪ انقلابي پروگرام آهي

وزيراعظم نيشنل هيلٿ پروگرام صحت جي شعبي ۾ هڪ انقلابي پروگرام آهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18اگست 2016ء) وزيراعظم نيشنل هيلٿ پروگرام صحت جي شعبي ۾ هڪ انقلابي پروگرام آهي جنهن ذريعي گهٽ آمدني وارن ۽ ضرورتمند ماڻهو پروگرام جي پينل تي موجود پرائيويٽ اسپتالن مان پنهنجو بهترين علاج ڪرائي سگهن ٿا. اسلام آباد، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ ڪوٽلي ۾ اهو پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي. پرائيم منسٽر هيلٿ پروگرام تحت انهن چئن صوبن ۾ هڪ لک 80 هزار مستحق خاندانن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي ماڻهو پنهنجي علاج جي لاءِ پريشان ڪو نه ٿيندا. سرڪاري ذريعن موجب تعليم ۽ صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان اسڪيم ذريعي 29 ماڻهو جيڪي دل جي مرض ۾ مبتلا هئا انهن جي اوپن هارٽ باءِ پاس سرجري ڪرائي وئي، 4500 مريض مفت علاج جي سهولتن مان فائديمند ٿيا، 68 ماڻهن جي انجيوگرافي ۽ 49 ماڻهن جي اينجيوپلاسٽي ڪئي وئي ۽ 82 ضرورتمند ماڻهن کي ڪينسر جهڙي موذي مرض جي علاج جي سهولت ڏني وئي. صحت واري وزير سائره افضل تارڙ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته چونڊ واعدو مڪمل ڪرڻ هڪ سياستدان لاءِ خوشي جو لمحو هوندو آهي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي منشور ۾ غريب ماڻهن جي لاءِ صحت جي سهولتن ۾ بهتري آڻڻ جو واعدو ڪيو ويو هو. هن چيو ته پاڪستان جا ضرورتمند ۽ غريب مريض ان پروگرام تي عملدرآمد ۽ صحت واري پاليسي مان خوش ۽ مطمئن آهن ۽ اسان جي حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان جا فائدا غريب عوام تائين پهچي رهيا آهن.