توانائي جي منصوبن لاءِ مقرر مدي جي سختي سان پيروي ڪئي وڃي:وزيراعظم محمد نواز شريف

توانائي جي منصوبن لاءِ مقرر مدي جي سختي سان پيروي ڪئي وڃي:وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته سمورن منصوبن لاءِ مقرر ڪيل مدي جي سختي سان پيروي ڪئي وڃي. ڪالهه خمس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان جاري منصوبن جي ثمرن مان فائدو وٺڻ چاهيون ٿا ته توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ضرورتن جي حوالي سان اسان جي ايندڙ منصوبابندي اولين ترجيح هجڻ گهرجي جڏهن ته ان ڳالهه کي گذريل حڪومتن نظرانداز ڪيو. هائوسنگ ۽ اڏاوتن واري وزير ڪابينا کي نجي شعبي سان گڏجي لينڊ بئنڪنگ جي لاءِ جوائنٽ وينچر پاليسي بابت بريفنگ ڏني. ڪابينا وزارت جي تجويز جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. ڪابينا تجويز ڪيل هائوسنگ پاليسي جي حوالي سان هائوسنگ ۽ اڏاوتن واري وزير، گهرو وزير، قانون واري وزير ۽ سي ڊي اي چيئرمين تي ٻڌل چار رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ”ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر (ترميمي) ايڪٽ 2016ع“ جي تجويز ڪيل مسودي بل تي صوبن کان راءِ وٺڻ جو فيصلو ڪيو، جهڙي طرح وزيراعظم پاران جوڙيل قانوني سڌارا ڪميٽي سفارش ڪئي آهي. ڪابينا پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ دفاعي پيداوار جي مفاهمت جي ياداشت جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪستان ۽ جاپان ”جائيڪا“ جي وچ ۾ توانائي جي شعبن جي سڌارن جي پروگرام ٽو جي لاءِ قرض معاهدي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا سرڪاري شعبي جي آڊيٽنگ ۾ تعاون جي حوالي سان مليشيا جي نيشنل آڊٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان جي آڊيٽر جنرل آفيس جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي ڳالهين جي اصولي منظوري ڏني. ان کانسواءِ سرڪاري شعبي جي آڊيٽنگ ۾ تعاون جي حوالي سان ويٽنام جي اسٽيٽ آڊٽ آفيس ۽ سپريم آڊٽ انسٽيٽيوشنز آف پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪابينا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ روس جي سينٽر بئنڪ جي وچ ۾ بئنڪاري نگراني تعاون بابت پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ سفارتي پاسپورٽ رکندڙن جي ويزا وارو نظام ختم ڪرڻ جي معاهدي تي پڻ صحيحن جي منظوري ڏني وئي. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ڏوهارين جي مٽاسٽا بابت معاهدي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني وئي. پاڪستان ۽ ڪينيا جي وچ ۾ غيرقانوني اچ وڃ ۽ منشيات جي روڪٿام ۾ تعاون بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ بابت ڳالهيون شروع ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.