پاڪستان جو پارلياماني وفد سينيٽر مشاهد حسين سيد جي سربراهي ۾ ترڪيءَپهچي ويو

پاڪستان جو پارلياماني وفد سينيٽر مشاهد حسين سيد جي سربراهي ۾ ترڪيءَپهچي ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17اگست 2016ء) پاڪستان جو پارلياماني وفد سينيٽر مشاهد حسين سيد جي سربراهي ۾ ترڪيءَ پهچي ويو جنهن جي دوري جو مقصد ترڪيءَ سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. انقره مان جاري بيان موجب پاڪستان جي پارلياماني وفد جو ترڪيءَ جي پارليامينٽ ميمبرن ۽ پاڪستان جي ترڪيءَ ۾ سفير سهيل محمود ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. وفد ترڪيءَ ۾ رهڻ دوان ترڪش قيادت سميت ترڪيءَ جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.