ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۾ گريڊ 17 جي سمورين جاين تي جلدڀرتيون ڪيون وينديون: مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ

ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۾ گريڊ 17 جي سمورين جاين تي جلدڀرتيون ڪيون وينديون: مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 17اگست 2016ء) نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ چيو آهي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۾ گريڊ 17 جي سمورين جاين تي جلد ڀرتيون ڪيون وينديون. ڪالهه اربع ڏينهن هتي سينيٽ جي حڪومت خاطرين بابت فنڪشنل ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڀرتين جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ گريڊ 18 ۽ 19 جون جاين تي عدالتي منع نامي سبب بعد ۾ ڀرتيون ڪيون وينديون. هڪ سوال تي هن چيو ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي پاليسي بورڊ ۾ حڪومت سمورن ڌرين کي برابر نمائندگي فراهم ڪئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي ايڊيشنل سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي روزگار جي ڪوٽا کي 3 سيڪڙو مان وڌائي 6 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي.