وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ احتساب جي حوالي سان سموريون ذميواريون پوليٽيڪل ايجنٽس سرانجام ڏين ٿا: قومي اسيمبلي کي آگاهي

وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ احتساب جي حوالي سان سموريون ذميواريون پوليٽيڪل ايجنٽس سرانجام ڏين ٿا: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17اگست 2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ احتساب جي حوالي سان سموريون ذميواريون پوليٽيڪل ايجنٽس سرانجام ڏين ٿا، انهن علائقن ۾ نيب يا ٻين ادارن جو دائرو نه آهي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قيصر جمال جي فاٽا ۾ بدعنواني بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي پارلياماني سيڪريٽري شاهين شفيق چيو ته فاٽا ۾ نيب ۽ ٻيا احتساب جا ادارا نه آهن، اتي سموروانتظامي ڪردار پوليٽيڪل ايجنٽس جو آهي. قيصر جمال چيو ته نيب جي دائري کي فاٽا تائين وڌايو وڃي ۽ جيڪا ڪميٽي قائم ڪئي پئي وڃي ان ۾ ان مسئلي کي رکيو وڃي. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته فاٽا جي سڌارن بابت ڪميٽي قائم ٿي چڪي آهي، سرتاج عزيز ان جو سربراهه آهي.