1965ع ۽ 1971ع جي جنگين وقت جيڪي ماڻهو پنهنجون زمينون ڇڏي ويا هئا، انهن جا قبضا آزاد ڪرايا ويا آهن: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

1965ع ۽ 1971ع جي جنگين وقت جيڪي ماڻهو پنهنجون زمينون ڇڏي ويا هئا، انهن جا قبضا آزاد ڪرايا ويا آهن: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17اگست 2016ء) پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين وقت جيڪي ماڻهو پنهنجون زمينون ڇڏي ويا هئا ۽ انهن تي قبضو ٿي ويو هو، ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف علائقن ۾ اهي قبضا آزاد ڪرايا ويا آهن، سڄي ملڪ جي اهڙين زمينن جا تفصيل حاصل ڪري ايوان کي فراهم ڪيا ويندا. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ٿرپارڪر ضلعي ۾ ملڪيتن تي زبردستي قبضو ڪرڻ بابت ڊاڪٽر رميش ڪمار وينڪواڻي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي وقت جيڪي ماڻهو زمينون ڇڏي ويا هئا انهن تي قبضو ٿي ويو هو. هن چيو ته لاڳاپيل ڪمشنر ذريعي ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف علائقن مان قبضا آزاد ڪرايا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته معزز ميمبر سڄي ملڪ جي اهڙين زمينن جا تفصيل طلب ڪيا آهن، ان جا تفصيل حاصل ڪري ايوان کي فراهم ڪيا ويندا