ڪراچي ۾ ماڻهن کي کنڀڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومت کان جواب وٺي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو: وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان

ڪراچي ۾ ماڻهن کي کنڀڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومت کان جواب وٺي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو: وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17اگست 2016ء) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ ماڻهن کي کنڀڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومت کان جواب وٺي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو، ڊي جي رينجرز سان پڻ ان سلسلي ۾ پاڻ ڳالهائيندس ۽ ان جي جاچ به ڪرائي ويندي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ميمبر اقبال محمد علي خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته ڪراچي ۾ اسان جي 8 ڪارڪنن کي گذريل ڏينهن کنڀيو ويو، گهرو وزير ان جو نوٽيس وٺي جنهن تي اسپيڪر چيو ته اهو صوبائي معاملو آهي ۽ صوبائي حڪومت سان ڳالهه ڪنداسين. اقبال محمد علي خان چيو ته اها تعصباڻي ڪارروائي آهي، ان جي جواب ۾ گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته معزز ميمبر جيڪو ڪجهه چيو آهي، جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته مذمت جوڳو آهي، گهرو وزير چيو ته اسپيڪر جو چوڻ صحيح آهي ته اهو صوبائي مسئلو آهي تنهن هوندي به ايوان ۾ جڏهن ڪو مسئلو اٿاريو وڃي ته ان جو جواب اچڻ گهرجي. گهرو وزير چيو ته ڪالهه تائين جو وقت ڏنو وڃي، سنڌ جي صوبائي حڪومت ۽ ڊي جي رينجرز سان هو پاڻ ڳالهائيندو. ان جي جاچ ڪرائي ويندي، اسان کي ٻئي طرف جو موقف معلوم ڪرڻو آهي. هن چيو ته جيڪو ڪجهه منهنجي آئيني دائري ۾ آهي، اهو ضرور ڪندو آهيان، پوليس جي حراست ۾ هڪ ڄڻي جي مارجڻ تي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو ويو آهي. گهرو وزير چيو ته ڪرسيون اچڻيون وڃڻيون آهن، اسان کي الله کي جواب ڏيڻو آهي، رينجرز وفاق جي فورس آهي پر ڪراچي ۾ اها صوبائي حڪومت جي ماتحت ڪم ڪري ٿي، رينجرز يا پوليس کي ڪهڙي طرح آپريشن ڪرڻو آهي اهو صوبائي حڪومت جو ڪم آهي پر سياسي، اخلاقي، آئيني ۽ قانوني طور تي جيڪو ڪجهه ڪري سگهان ٿو اهو ڪندس.