پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت ڪراچي کان پشاور تائين ريلوي ايم ون جي اپ گريڊيشن جو ڪم 2020ع ۾ مڪمل ٿيندو: قومي اسيمبلي کي آگاهي

پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت ڪراچي کان پشاور تائين ريلوي ايم ون جي اپ گريڊيشن جو ڪم 2020ع ۾ مڪمل ٿيندو: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17اگست 2016ء) ريلوي واري وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت ڪراچي کان پشاور تائين ريلوي ايم ون جي اپ گريڊيشن جو ڪم 2020ع ۾ مڪمل ٿيندو، ڪراچي کان لاهور تائين ريلوي جو ڊبل ٽريڪ وڇايو ويو آهي، اي ٽڪيٽنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ سميت ريلوي جي بهتري جي لاءِ ٻيا قدم کنيا ويا آهن، حادثن کان بچڻ جي لاءِ ريلوي اسٽيشنن جي چوطرف ڪنڊيدار تار هنئي پئي وڃي، ان سان ريلوي جي زمين کي قبضي کان روڪي سگهجي ٿو. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ساجد احمد جي سوال جي جواب ۾ ريلوي واري پارلياماني سيڪريٽري ديوان عاشق بخاري ٻڌايو تهعدنان کوکر 17 آگسٽ 2016ع ڪراچي کان پشاور سيڪشن تي ڪجهه سيڪشن ۾ 105 يا 110 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار ٽرين هلي رهي آهي، ڪراچي کان لاهور فيز 2018ع تائين مڪمل ٿيندو، سمورن ريلوي ٽريڪن ۽ ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن ٿيندي، ان کانپوءِ ٽريڪ تي 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين گاڏيون هلي سگهنديون. هن ٻڌايو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت اپ گريڊيشن جو ڪم 2020ع ۾ مڪمل ٿيندو، سي پيڪ تحت ريلوي جي بهتري لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.