قومي اسيمبلي جي هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز20جولائی2017) قومي اسيمبلي جي هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن کي نجي شعبي جي جوائنٽ وينچر ۾ لينڊ بڪنگ بابت وفاقي ڪابينا جي پاليسي جي لاڳو ۽ ٺليان انٽرچينج جوائنٽ وينچر هائوسنگ پراجيڪٽ تي تعميراتي ڪم جي آغاز کان اڳ ڪميٽي جي ميمبرن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين حاجي محمد انصاري جي قيادت ۾ خميس ڏينهن منعقد ٿيو جنهن ۾ ميمبر رانا زاهد حسين خان، صاحبزاده فيض الحسن، نوابزاده مظهر علي، ناصر اقبال بوسال، طاهره اورنگزيب، خالده منصور، نگهت پرون مير، شاهده رحماني، غلام سرور خان، اقبال محمد علي خان، هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. گذريل اجلاس ۾ ميمبرن جي راءِ ۽ خدشن جي ڏس ۾ ڪميٽي کي ٺليان انٽرچينج جوائنٽ وينچر هائوسنگ پراجيڪٽ بابت بريفنگ ڏني وئي، فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي کي گذريل سال وفاقي ڪابينا کي پيش ڪيل سمري، ڪابينا جي منظوري، ڪمپنين جي چونڊ/پري ڪواليفيڪيشن جي طريقيڪار، شرڪت ڪندڙ ڪمپنين جي تفصيلن ۽ ان پراجيڪٽ لاءِ چونڊيل ڪمپني جي باري ۾ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو، ان موقعي تي هن پيش ڪيل زمين، اتي پاڻي جي دستيابي ۽ پراجيڪٽ تائين رسائي جي باري ۾ دستاويز به پيش ڪيا، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته جوائنٽ وينچر ۾ ڪا به بي قاعدگي ناهي ٿي ۽ ان نجي شعبي جي ڪمپني جي اهليت معاهدي کان اڳ ئي جانچي وئي هئي، هن ٻڌايو ته هي اشو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي وٽ به غور هيٺ آهي ۽ پي اي سي جي طرفان ان ڏس ۾ آڊٽ جي تفصيلن کان ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويندو، ڪميٽي جي ميمبرن منصوبي لاءِ زمين جي فراهمي ۽ اتي سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ جوائنٽ وينچر جي پارٽنر ڪمپني جي صلاحيت بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو، ڪميٽي هائوسنگ فائونڊيشن کي نجي شعبي کان جوائنٽ وينچر ۾ لينڊ بڪنگ بابت وفاقي ڪابينا جي پاليسي جي لاڳو ۽ ٺليان انٽرچينج جوائنٽ وينچر هائوسنگ پراجيڪٽ تي تعميراتي ڪم جي آغاز کان اڳ ڪميٽي جي ميمبرن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڪميٽي ڪچلاڪ پراجيڪٽ لاءِ مختص زمين ڇڏرائڻ تي پاڪستان هائسونگ اٿارٽي فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن ۽ ڊائريڪٽر جنرل ڪوئيٽا ترقياتي اٿارٽي جي ڪوششن کي ساراهيو، ڪميٽي پاڪستان هائوسنگ فائونڊيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر کي ڪچلاڪ پراجيڪٽ لاءِ مختص زمين تي سيڪيورٽي گارڊن جي مقرري جي هدايت به ڪئي.