قومي اسيمبلي جي قومي صحت، خدمتن ۽ رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي قومي صحت، خدمتن ۽ رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز20جولائی2017) قومي اسيمبلي جي قومي صحت، خدمتن ۽ رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ چيئرمين خالد حسين مگسي جي صدارت ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ زهره ودود فاطمي طرفان پيش ڪيل هيلٿ ورڪرز جي تحفظ ۽ لازمي ويڪسينيشن بل 2015ع ۽ ڊاڪٽر نگهت شڪيل خان طرفان پيش ڪيل نان سموڪرز جي صحت جي تحفظ ۽ سموڪنگ جي روڪٿام بل 2017ع تي غور ڪيو ويو، ڪميٽي صوبن طرفان حفاظتي ٽڪن جي عمل کي ساراهيو، ڪميٽي هيلٿ ورڪرز جي تحفظ ۽ لازمي ويڪسينيشن جي بل 2015ع تي تفصيلي غور ڪندي ان کي اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، ڪميٽي نان سموڪرز جي صحت جي تحفظ ۽ سموڪنگ جي روڪٿام جي بل 2017ع تي لاڳاپيل ادارن طرفان راءِ وٺڻ جي سفارش ڪئي ۽ ايندڙ اجلاس تائين ان کي ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽي، ڊاڪٽر نثار احمد جٽ، شڪليه خالد لقمان، زهره ودود فاطمي، ڊاڪٽر عذرا فضل، ڊاڪٽر محمد اظهر جدون، ڪرنل (ر) ڊاڪٽر امير الله مروت، ڊاڪٽر نگهت شڪيل، قاري محمد يوسف، سعيد غازي گلاب جمال ۽ عبدالقادر ودان شرڪت ڪئي.