پرامن پاڙيسرين جي تصور کانسواءِ امن ۽ ترقي جو خواب شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي: سردار اياز صادق

پرامن پاڙيسرين جي تصور کانسواءِ امن ۽ ترقي جو خواب شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پهرين ينگ پارليامينٽرين سارڪ ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي خطي جي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته پرامن پاڙيسرين جي تصور کانسواءِ امن ۽ ترقي جو خواب شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي، ان جي لاءِ خطي جي ملڪن کي پاڻ ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو جنهن جي لاءِ خطي جي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن ۽ جمهوري قدرن کي مستحڪم بڻائي هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. جمهوريت جو مطلب اهو ئي آهي اختلاف راءِ کي ڳالهين جي ذريعي اتفاق راءِ ۾ تبديل ڪيو وڃي، اڱاري ڏينهنهتي ترقي جي لاءِ امن ۽ ڀائيچاري جي موضوع تي پهرين سارڪ ينگ پارليامينٽرين ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي 342 سيٽن مان 70 تي نوجوان پارليامينٽرين چونڊجي آيا آهن، هن عورت پارليامينٽرين جي ڪارڪردگي جي خاص طور تي واکاڻ ڪئي، هن ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي تنظيم سارڪ جي نوجوان پارليامينٽ ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته هلندڙ سال نومبر ۾ اسلام آباد ۾ سارڪ ڪانفرنس منعقد ٿيندي، خطي جي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن فورمن ذريعي اسان کي گڏجي حل ڳولڻو پوندو ۽ جمهوريت جو مطلب ئي اهو آهي ته جيڪڏهن اختلاف راءِ ڏٺو وڃي ته ڳالهين جي ذريعي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي، اسان جا حل طلب مسئلا صرف ڳالهين جي ذريعي حل ٿي سگهن ٿا، جنهن سان خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي ايندي، اسان جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب ان وقت شرمنده تعبير ٿيندو جڏهن خطي جي ملڪن جي وچ ۾ پرامن پاڙيسرين جو تصور موجود هوندو. هن چيو ته زندگي جي هر شعبي ۾ صنفي توازن برقرار رکڻ تي ڌيان ڏيڻ پوندو،گڏيل سيڪيورٽي، موسمياتي تبديلين سميت ٻين مسئلن تي گڏجي لائحه عمل جوڙڻو پوندو. سياسي سرگرمين ۾ خطي جا نوجوان ۽ سول سوسائٽي جي وڌ کان وڌ شموليت کي يقيني بڻائڻ سان به خطي جي مستقبل تي مثبت اثر پوندا. هن چيو ته خطي جي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏئي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو رستو هموار ڪري سگهجي ٿو. ڪانفرنس اڄ اربع تي پڄاڻي تي پهچندي جنهن کانپوءِ گڏيل پڌرنامو به جاري ڪيو ويندو.