ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪئي آهي: مولانا فضل الرحمان

ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪئي آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(پاکستان نیوزپوائنٹ 16اگست 2016ء) جمعيت علماءٌ اسلام (ف) جي سربراهه قومي اسيمبلي جي ميمبر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪئي آهي، جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم پاڪستان جي اندر مداخلت جي حوالي سان اعتراف ڪري چڪو آهي، افغان پناهگير ملڪ ۾ 40 سالن کان رهندڙ آهن، اهي پاڻ نه آيا انهن کي جلد بازي ۾ موڪلڻ صحيح نه آهي، اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت جو مڪروه چهرو سڄي دنيا جي سامهون آهي، هو والاريل ڪشمير جي اندر رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم پاڪستان جي اندر مداخلت ۽ دهشتگردي جي واقعن جو اعتراف ڪري چڪو آهي، هن چيو ته افغان پناهگير ملڪ ۾ 40 سالن کان رهندڙ آهن، انهن جي واپسي جي حوالي سان قانون موجود آهن پر انهن کي جلدي ۾ واپس موڪلڻ صحيح نه آهي.