محمود خان اچڪزئي جو احترام ڪريان ٿو: چوڌري نثار علي خان

محمود خان اچڪزئي جو احترام ڪريان ٿو: چوڌري نثار علي خان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اگست 2016ء) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته هو محمود خان اچڪزئي جو احترام ڪري ٿو، جيڪو ڪجهه هن ايوان ۾ چيو ان جو هو ۽ جيڪو مون چيو ان جو آئون ذميدار آهيان. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي محمود خان اچڪزئي چيو ته وزيراعظم جي موجودگي ۾ گهرو وزير منهنجي حوالي سان جيڪو ڪجهه چيو آهي ان حوالي سان وقت ڏنو وڃي، ان تي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته آئون ميمبرن جو احترام ڪندو آهيان، منهنجي موجودگي ۾ ئي ڳالهه ڪن ته آئون ٿورائتو ٿيندس، جيڪو ڪجهه ميمبر چيو آهي ان جو هو ذميدار آهي ۽ جيڪو ڪجهه مون چيو آهي ان جو آئون ذميدار آهيان.