طبي مشوري ۽ ٻين خدمتن (فيسن کي مناسب بڻائڻ) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾پيش

طبي مشوري ۽ ٻين خدمتن (فيسن کي مناسب بڻائڻ) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اگست 2016ء) طبي مشوري ۽ ٻين خدمتن (فيسن کي مناسب بڻائڻ) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو، اڱاري ڏينهن ڊاڪٽر نگهت شڪيل رٿ پيش ڪئي ته طبي مشوري ۽ ٻين خدمتن (فيسن کي مناسب بڻائڻ) بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان جي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن مخالفت نه ڪئي، ڊاڪٽر نگهت شڪيل خان چيو ته ڊاڪٽرن جي وڏين فيسن سبب صحت جون سهولتون عام ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن، ان معاملي کي ريگيولرائيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ ڊاڪٽر نگهت شڪيل خان بل ايوان ۾ پيش ڪيو.