حڪومت تماڪ ڇڪڻ کي روڪڻ جي حوالي سان ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

حڪومت تماڪ ڇڪڻ کي روڪڻ جي حوالي سان ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اگست 2016ء) صحت ۽ قومي خدمتن واري وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت تماڪ ڇڪڻ کي روڪڻ جي حوالي سان ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، صوبن ۾ به تماڪ کي روڪڻ جا ڪنٽرول سيل قائم ڪيا ويندا، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شائسته پرويز ملڪ جي نوجوانن ۾ تماڪ جي استعمال جي وڌندڙ رجحان بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي قومي صحت ۽ خدمتن واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن چيو ته تماڪ ڇڪڻ جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم لاءِ فنڊ گهربل آهن، حڪومت انهن کي روڪڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، وفاق جي سطح تي تماڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ جو سيل 2008ع کان قائم آهي، صوبائي سطح تي به اهڙي طرح جا سيلز قائم ڪيا ويندا، هن چيو ته پارليامينٽ هائوس ۾ تماڪ ڇڪڻ جو خاتمو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ئي ڪرائي سگهي ٿو.