اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف واپڊا کي بجلي جي پيداوار ۾ اضافي ۽ ٻوڏن کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ آبي ذخيرن جي تعمير تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ واپڊا جي چيئرمين ظفر محمود سان ملاقات ۾ هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ترقياتي منصوبن تي ڪم کي تيز ڪيو وڃي ۽ پن بجلي جي وڌيڪ پيداوار جي امڪانن کي وڌيڪ ڳوليو وڃي، وزيراعظم چيو ته واپڊا کي ملڪ ۾ پاڻي ۽ پن بجلي جي وسيلن جي ترقي لاءِ سگهه سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان جو مقصد سستي ۽ مناسب بجلي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ وقتن ۾ خاص طور تي شديد آبي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي کوٽ جي مسئلن کي ختم ڪرڻ آهي، وزيراعظم چيو ته سستي ۽ صاف سٿري بجلي جي پيداوار سان نه رڳو صارفين کي سهولت ملندي پر آبي ذخيرن جي تعمير سان ملڪ کي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ به مدد ملندي. واپڊا جي چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ ۾ پن بجلي جي مختلف جاري منصوبن تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو.
وزيراعظم پاران واپڊا کي بجلي جي پيداوار ۾ اضافي جي هدايت
8 سال پھريان