ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي والاريل ڪشمير ۾ تازي المناڪ صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: سرتاج عزيز

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي والاريل ڪشمير ۾ تازي المناڪ صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي والاريل ڪشمير ۾ تازي المناڪ صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هزارين نوجوان پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، ڀارت کي ادراڪ ڪرڻ گهرجي ته ڪشمير جو بنيادي مسئلو گولين سان حل نه ٿو ڪري سگهجي، اهو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سنجيده ڳالهين ذريعي سياسي حل جو گهرجائو آهي. هن اها ڳالهه ڀارتي وزيراعظم مودي جي آزادي ڏهاڙي جي تقرير جو جواب ڏيندي چئي. ڪالهه سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڀارتي وزيراعظم المناڪ صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪا گذريل 5 هفتن کان ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ درپيش آهي، والاريل ڪشمير ۾ 70 کان وڌيڪ بيگناهه ڪشميري شهيد ۽ 6 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گذريل 37 ڏينهن کان لاڳيتو ڪرفيو ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ آهي، انهن واقعن جو دهشتگردي سان ڪو تعلق نه آهي، اها خودمختياري جي حق لاءِ مقامي تحريڪ آهي، ان حق جو واعدو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشميرين سان ڪيو آهي، هن وقت ڀارتي والاريل ڪشمير ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وچ ۾ فرق ان کان وڌيڪ واضح نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم مودي جو بلوچستان جو حوالو جيڪو پاڪستان جو جز آهي، رڳو پاڪستان جي ان موقف کي ثابت ڪري ٿو ته ڀارت پنهنجي ڳجهي ايجنسي را ذريعي بلوچستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي، هن سال مارچ ۾ را جي سرگرم حاضر سروس نيول آفيسر ڪلڀوشن ياديو جي عام اعتراف سان به ان جي توثيق ٿي. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڀارت هڪ وڏو ملڪ حقيقت ۾ دنيا ۾ ٻيو وڏو ملڪ آهي ۽ ان جو اعتراف ڪرڻ گهرجي پر هڪ وڏو ملڪ پاڻ ئي عظيم ملڪ نه ٿو بڻجي، خاص طور تي جڏهن هو پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪندڙ بيگناهه شهرين کي دٻائڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي وحشياڻي طاقت استعمال ڪري ۽ جڏهن هو 100 کان وڌيڪ نوجوانن کي انهن جي نور کان مستقل طور تي محروم ڪرڻ جي لاءِ ڄاڻي ٻجهي ڇيرن واري بندوق جو استعمال ڪري رهيو هجي. سرتاج عزيز چيو ته ڀارت کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪشمير جو بنيادي مسئلو گولين سان حل نه ٿو ڪري سگهجي، اهو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سنجيده ڳالهين لاءِ سياسي حل جو گهرجائو آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 22:27