بلاڪ ڪيل سڃاڻپ ڪارڊن جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ اسپيڪر جي مشاورت سان پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي ويندي: وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان

بلاڪ ڪيل سڃاڻپ ڪارڊن جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ اسپيڪر جي مشاورت سان پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي ويندي: وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته بلاڪ ڪيل سڃاڻپ ڪارڊن جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ اسپيڪر جي مشاورت سان پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، هر ضلعي جي سطح تي پاسپورٽ آفيس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ 3 نادرا آفيسون هلندڙ سال جي آخر يا ايندڙ سال جي شروعات ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏينديون، افغان پناهگيرن جي حوالي سان قومي پاليسي هجڻ گهرجي، دير ۽ ٻين علائقن ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ آفيسن ۾ عورتن جي لاءِ جدا ڪائونٽر قائم ڪنداسين. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مولانا امير زمان، ايس اي اقبال قادري ۽ ٻين جي اعتراضن وارن نقطن جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوالن جي وقفي ۾ مون چيو هو ته اسان کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، اهو نه هجڻ گهرجي ته هر ميمبر کي نادرا سان رجوع ڪرڻو پوي. گذريل ڏينهن جعلي سڃاڻپ ڪارڊن جو مسئلو پيش آيو جنهن سبب ڪجهه ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيا آهن. اسپيڪر جي مشاورت سان پارلياماني ڪميٽي قائم ڪري ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ پارليامينٽرينز باعزت طبقو هوندو آهي جيڪو عوام جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته هن سال جي آخر يا ايندڙ سال جي شروع ۾ ڪراچي ۾ نادرا آفيسون ڪم شروع ڪري ڇڏينديون. هن چيو ته اورنگي ٽائون ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيندڙ ٻه ٽي گاڏيون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته 69 سالن ۾ پاڪستان ۾ رڳو 92 پاسپورٽ آفيسون هيون، مون فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي هر ضلعي ۾ هڪ پاسپورٽ آفيس کولي وڃي. ڪراچي ۾ 6 ضلعن ۾ ڪوشش ڪنداسين وڌ کان وڌ اتي پاسپورٽ آفيسون کولينداسين. گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته معزز ميمبرن کي اعتراض وارن نقطن تي طريقي سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي، بلاڪ سڃاڻپ ڪارڊن جي حوالي سان جيستائين ڪو حتمي فيصلو نٿو ٿي وڃي ڪنهن کي هراسان نه ڪيو ويندو. گهرو معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ گهرو وزارت جي عملي جي عدم شموليت جي خبر نه آهي، ان معاملي جي جاچ ٿيندي جيڪڏهن گهر وزارت جي لاڳاپيل ميمبرن جي ڪوتاهي ثابت ٿي ته انهن جي خلاف ڪارروائي به ٿيندي ۽ ايوان کي رپورٽ به ڏيندس. نائن زيرو تان لائيسنس وارن هٿيارن جي عدم واپسي جي معاملي تي لاڳاپيل ادارن سان ڳالهائي ايوان ۾ رپورٽ ڏيندس. ايم ڪيو ايم جي گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان ڳالهه جو تعين وفاقي حڪومت نه ٿي ڪري سگهي. مون کي اطلاع ملي آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ شرڪت ناهي ڪئي اهي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس اچي ويا آهن تنهن هوندي به قانونيگهرجون پوريون ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت ئي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پوليس ڪسٽڊي ۾ ڪنهن جي موت ٿي وڃي ته عدليه کي ان جي جاچ ڪرائڻ گهرجي. مون گهرو سيڪريٽري کي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سان ڳالهائڻ جي لاءِ چيو، ٽي مهينا اڳ ٿيندڙ ڳالهه جو جواب اهو آيو ته صوبائي حڪومت چيو آهي ته اها عدليه ذريعي جاچ ڪرائڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته نادرا ۾ عورت عملو ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ عورت ڊيسڪون قائم ڪيون وينديون، 35 لک تائين رجسٽرڊ ۽ ان رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي انگ جي موجودگي جي اطلاع آهن. منهنجو موقف اهو آهي ته پاڪستان 40 کان 45 سالن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي ان حوالي سان اشوز تي قومي پاليسي هجڻ گهرجي. ڪنهن ملڪ ۾ ڪنهن کي پناهگير هجڻ جو اسٽيٽس ملي ته ان کي ان جي تحت رهڻ گهرجي. ڪجهه افغان پناهگيرن غيرقانوني طور تي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪيا، ڪجهه ڏوهاري ماڻهن به اهڙي صورتحال مان فائدو کنيو. دهشتگردي جا واقعا به ٿيا ان حوالي سان قومي پاليسي ٺهڻ گهرجي. ان کان اڳ جي يو آءِ (ف) جي مولانا امير زمان اعتراض واري نقطي تي چيو ته لورالائي جي 12 هزار ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ آهن، ان جو نوٽيس ورتو وڃي. ايس اي اقبال قادري چيو ته اورنگي ٽائون جي ٻن تڪن اين اي 241 ۽ اين اي 242 لکين ماڻهن جي آبادي تي ٻڌل علائقو آهي، ان ۾ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هڪ بدران ٻه آفيسون هجڻ گهرجن، ڪراچي اڍائي ڪروڙ جي آبادي جو شهر آهي ان ۾ ٻه پاسپورٽ آفيسون گهٽ آهن. حاجي شاهه جي گل آفريدي چيو ته فاٽا جي ماڻهن کي سيڙپڪاري ڪرڻ تي مراعتون ڏنيون وڃن. صاحبزاده طارق الله چيو ته لوئر دير ۾ عورتن جا گهر گهر سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي لاءِ موبائيل وين فراهم ڪئي وڃي. مولانا جمال الدين گهرو وزير جي پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ان سان سڃاڻپ ڪارڊ جي بلاڪ ٿيڻ جو مسئلو ٿيندو، جيستائين مسئلو حل نه ٿئي ڪنهن جي خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي وڃي. نواب محمد يوسف ٽالپر چيو ته جولاءِ جي ٽئين هفتي ۾ گهرو وزارت جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس هو، 13 ميمبر موجود هئا، اسان 45 منٽن تائين انتظار ڪيو پر گهرو وزارت جو ڪو اهلڪار يا آفيسر نه آيو، ان جو نوٽيس ورتو وڃي. شيخ صلاح الدين چيو ته نائن زيرو تي ڇاپي دوران اسان جا لائيسنس وارا هٿيار به ضبط ڪيا ويا، اسان جا هٿيار جيڪي اسان جي نالي تي جاري ٿيا آهن اسان کي واپس ڪيا وڃن، جيڪڏهن اهي ضبط ڪرڻا آهن ته باقاعده اسان جا لائيسنس رد ڪيا وڃن. ڊاڪٽر غازي گلاب جمال چيو ته افغان پناهگيرن جي واپسي جو معاملو انتهائي اهم مسئلو آهي، فاٽا جي عوام جو تاثر اهو آهي ته اسان جي 35 سالن جي مهمان نوازي ضايع ٿي ويندي. هن چيو ته پشاور جي ڪاروبار جو گهڻو دارومدار افغانستان تي آهي، ملڪ جي سيڪيورٽي اسان جي اولين ترجيح آهي، ويزائون حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪئي وڃي. شير اڪبر خان چيو ته بونير جي ماڻهن کي به نادرا رجسٽريشن سينٽر تي عملي جي کوٽ درپيش آهي ان جو به نوٽيس ورتو وڃي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:38