پاڪستاني انب دنيا جو بهترين انب آهي جنهن کي هڪ برانڊ جي طور تي روشناس ڪرائڻ جي لاءِ پيٽنٽ ڪرايو وڃي: صدر ممنون حسين

پاڪستاني انب دنيا جو بهترين انب آهي جنهن کي هڪ برانڊ جي طور تي روشناس ڪرائڻ جي لاءِ پيٽنٽ ڪرايو وڃي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستاني انب دنيا جو بهترين انب آهي جنهن کي هڪ برانڊ جي طور تي روشناس ڪرائڻ جي لاءِ پيٽنٽ ڪرايو وڃي ۽ يورپ جي منڊين تائين پهچ حاصل ڪئي وڃي ته جيئن انب بهتر قيمت تي وڪرو ٿئي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿئي، اسان کي پنهنجي روانگي واپار کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو ته جيئن عالمي منڊين ۾ پاڪستاني برانڊ جي گهر ۾ اضافو ٿي سگهي. صدر اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ آل پاڪستان فروٽس اينڊ ويجيٽيبلز ايڪسپورٽرز، امپورٽرز، مرچنٽس ايسوسيئيشن (پي ايف وي اي) پاران منعقد ٿيندڙ مينگو فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ ۽ پاڪستان فروٽ اينڊ ويجيٽيبل ايسوسيئيشن جي چيئرمين وحيد احمد پڻ خطاب ڪيو. نمائش ۾ اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستاني انبن جي مختلف قسمن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. صدر چيو ته اقتصادي ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪاروباري طبقي کي سازگار ماحول ڏيڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي مثبت اقتصادي پاليسين جي ڪري عالمي اقتصادي ادارن پاڪستان کي تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي صف ۾ شامل ڪيو آهي جيڪو هڪ ٺوس قدم آهي، ان سان نه رڳو ملڪ کي فائدو پهچندو پر ڪاروباري طبقي کي پڻ فائدو ٿي سگهندو ۽ ان کي عالمي منڊين ۾ پهچ ملندي. صدر چيو ته ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ ڪاروباري طبقو ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. صدر چيو ته اها نمائش پاڪستاني انب کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. هن نمائش جي شرڪت ڪندڙن کي چيو ته اهي پاڪستاني ميون ۽ ڀاڄين کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر اهڙي قسم جونسرگرميون آئنده به ڪندا رهن ته جيئن قومي آمدني ۾ اضافو ٿي سگهي. صدر شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته بدامني ۽ دهشتگردي جهڙا مسئلا رڳو انتظامي قدمن ۽ طاقت جي استعمال سان حل نه ٿا ٿي سگهن پر ان جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت هوندي آهي جن ۾ معيشت جي بهتري، روزگار ۽ انصاف جي فراهمي ۽ بامقصد ۽ هڪ جهڙو تعليمي نظام ضروري آهي. ان موقعي تي صدر انبن جي نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو جنهن ۾ انبن جا مختلف قسم ۽ پراڊڪٽس رکيا ويا هئا. صدر مختلف اسٽالن تي پڻ ويو ۽ انب جي آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙن سان انهن بابت معلومات حاصل ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ