اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) قومي اسيمبلي اليڪشن ڪيشن جي ميمبرن جي پگهارن، الائونسز، اضافي مراعات بل 2016ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد رٿ پيش ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي پگهارن، الائونسز، اضافي مراعت بل 2016ع غور هيٺ آندو وڃي. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته پگهار اڳ ۾ ڏنو ويو آهي ۽ بل هاڻي منظور ٿي رهيو آهي اهو غيرقانوني آهي. وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته اهو جهول رهجي ويو هو، هاڻي ان سڄي معاملي کي قانوني شڪل ڏني پئي وڃي. پگهار ۽ مراعتون 5 سالن کان ورتيون پيون وڃن. سيد نويد قمر چيو ته حڪومت کي بل اڳ ۾ آڻڻ گهرجي ها. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته جنهن جي غلطي آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي. قومي اسيمبلي بل کي غور هيٺ آڻڻ جي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ اسپيڪر بل کي ايوان مان شقوار منظوري ورتي. وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد رٿ پيش ڪئي ته اليڪشن ڪيمشن جي ميمبرن جي پگهارن، الائونسز، اضافي مراعتون ۽ استحقاق بل 2016ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي اليڪشن ڪيشن جي ميمبرن جي پگهارن، الائونسز، اضافي مراعات بل 2016ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
8 سال پھريان