پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو جڏهن ته وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته ٽوبيڪو بورڊ جو اعلان جلد ڪيو ويندو، آبادگارن ۽ ٽوبيڪو ڪمپنين جي وچ ۾ واپار معاهدي تحت ٿيندو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ عاقب الله جي پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مدي ختم ٿيڻ، تماڪ جي گهٽ قيمتن ۽ تمباڪو ڪمپنين پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني ۽ فلپ مورس انٽرنيشنل جي آبادگارن کان 60سيڪڙو تماڪ جي خريداري کان انڪار بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته ٽوبيڪو بورڊ جي لاءِ ڪي پي ڪي حڪومت پاران نالا ملي ويا آهن، سمري وزيراعظم ڏانهن موڪلي وئي آهي جلد ئي ٽوبيڪو بورڊ جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته آبادگارن ۽ ٽوبيڪو ڪمپنين جي وچ ۾ معاهدي تحت واپار ٿئي ٿو، ان کانسواءِ ننڍا واپاري به آبادگارن کان تماڪ خريد ڪن ٿا، ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن وٽ تماڪ جو فصل باقي نه رهي. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي عاقب الله، قيصر جمال، جنيد اڪبر خان جي سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته تماڪ بورڊ ۾ ڪمپنين، آبادگارن ۽ ڪي پي ڪي صوبي جي ٽن ميمبرن ۽ وفاق جو نمائندو به شامل هوندو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته اهو جواب لاڳاپيل وزارت کان ئي آيو آهي، اسپيڪر انهي ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ايوان جي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو.