سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن هتي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر جاويد عباسي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪوئيٽا سانحي ۾ سينيئر وڪيلن جي وڏي انگ ۾ شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ شهيد وڪيلن ۽ ٻين شهرين جي ايصال ثواب ۽ پونيئرن کي صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر جاويد عباسي اجلاس کي خطاب ڪندي ان کي هڪ افسوسناڪ حادثو قرار ڏنو. هن چيو ته وڪيلن جي تحفظ جي لاءِ هڪ مڪينزم قائم ڪرڻ گهرجي، اسلام آباد جي عدالت ۾ ڌماڪي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ انگ ۾ وڪيل ڪوئيٽا ۾ شهيد ٿيا، قانون ۽ انصاف واري وزارت به پنهنجي طور تي شهيد وڪيلن ۽ پونئيرن جي مدد جو اعلان ڪري. قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ان موقعي تي چيو ته وزارت ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي، هڪ غريب شهيد جي پٽ کي وزارت ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي. ڪميٽي اجلاس ۾ سينيٽر ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي غيرموجودگي تي سپريم ڪورٽ ۾ عورت ججن جي ڪوٽا مخصوص ڪرڻ جو بل ملتوي ڪيو ويو.