اميد آهي ته پاڪستان 2018ع ۾ پوليو کان پاڪ ملڪ هوندو: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اميد آهي ته پاڪستان 2018ع ۾ پوليو کان پاڪ ملڪ هوندو: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) قومي صحت واري وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته اميد آهي ته پاڪستان 2018ع ۾ پوليو کان پاڪ ملڪ هوندو. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ساجده بيگم جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته گذريل 18 مهينن ۾ پوليو جي وائرس تي ضابطو آڻڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي تنهن هوندي به اڃا تائين پاڪستان کي پوليو فري ملڪ قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، اسان پاڪستان کي پوليو فري بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، 2016ع ۾ هيستائين 13 ڪيس سامهون آيا آهن، 2015ع ۾ 29 ڪيس سامهون آيا، 2018ع تائين پاڪستان کي پوليو فري بڻائڻ وزيراعظم جو ويزن به آهي.